سيد عزت علي شاهه

سيد عزت علي شاهه: سيد عزت علي شاهه ولد سيد موٽيل شاهه سيوهڻ جي سبزواري ساداتن مان هو. هو پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلندي هر مهيني جي ايڪهين تاريخ خيرات ڪندو هو، غريبن، يتيمن ۽ بيواهن جي مدد ڪندو هو ۽ انهن سان همدردي ڪندو هو. درگاهه قلندر لعل شهباز تي روزانو رات جو حاضري ڀريندو هو ۽ خدمت به ڪندو هو. سيد عزت علي شاهه عملي طور تي سياست کان پري رهيو، پر وٽس سياستدانن جا ميڙاڪا متل رهندا هئا. سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد عبدالله شاهه سندس عزيز هو. حڪيم مخدوم محمد مراد صديقيءَ سان سندس ويجھڙائپ هئي. سندس مريدن ۽ عقيدتمندن جو وڏو حلقو هو، اڪثر ’ٻلال‘ قبيلي جا ماڻهو سندس مريد آهن. پاڻ تعليم يافته هو ۽ نوجوان نسل کي تعليم لاءِ همٿائيندو رهندو هو، نه صرف ايترو، پر پنهنجي وس آهر ڪوششون وٺي مسڪين ۽ بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون به وٺائي ڏيندو هو.


لفظ سيد عزت علي شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو